شمشان گهاٽ

شمشان گهاٽ: هندن جي قبرستان کي شمشان گهاٽ چيو ويندو آهي. جتي مُردن جو ڪرياڪرم ڪيو ويندو آهي. سنڌ جي هر مکيه شهر، جنهن ۾ هندو رهن ٿا، اتي شمشان گهاٽ موجود آهن. شيخ اياز به پنهنجي شاعريءَ ۾ اهو لفظ ڪتب آندو آهي:
هو ته مون کي چِتا تي وٺي ٿي ويا،
مينهن برسي پيو ڪالهه شمشان ۾!


لفظ شمشان گهاٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو